پيرل فقير ڦلپوٽو

پيرل فقير ڦلپوٽو: پيرل فقير، ڳوٺ ڏانوري، تعلقي خيرپور جو ويٺل هو. مجازي عشق جي چوٽ لڳڻ کان پوءِ پنهنجي دل جي حال کي ڪافين ۾ اظهاريائين. سندس ڪافيون 1880ع ڌاري لکيل بياض ۾ قلبند ڪيون ويون. هڪ روايت موجب پيرل فقير ڳوٺ اَٽيري، تعلقي خيرپور جو ويٺل هو ۽ جادي شاهه جي مقام ۾ مدفون آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو